خواجه محمد طاهر بخشي، نقشبندي

خواجه محمد طاهر بخشي، نقشبندي

خواجه محمد طاهر بخشي نقشبندي

خواجه محمد طاهر بخشي، نقشبندي: خواجه محمد طاهر نقشبندي، عام معروف ’سڄڻ سائين‘ جو جنم، 21 مارچ 1962ع تي، درگاهه رحمت پور، ضلعي لاڙڪاڻي ۾ ٿيو. سندس والد خواجه الله بخش عـرف ’سـهڻـا سـائيـن‘ پڻ ڄاتل سڃاتل شخصيت هو، جنـهـن جـو تـعلـق خواجه غريب نواز حضرت فضل علي شاهه قريشيءَ جي خانوادي سان هو. سڄڻ سائين، ’جماعت اصلاح المسلمين‘، ’روحاني طلبا جماعت‘ ۽ ’جميعت علماء طاهريه‘ جو سربراهه آهي. سندس 300 کان وڌيڪ خليفا آهـن، جيڪي دنيا ۾ نقشبندي طريقي جي تبليغ ڪندا رهن ٿا. هـن وقت هو پنهنجي نئين رهائشگاهه ’الله باد شريف‘، ڪنڊياري، ضلعي نوشهري فيروز ۾ رهي ٿو، جتي سندس والدين ڪجھه وقت اڳي لڏي اچي ويٺا هئا.
سڄڻ سائينءَ، پنهنجي ابتدائي ۽ قرآني تعليم دادو ضلعي جي راڌڻ شهر جي ’درگاهه فقيرپور‘ مان حاصل ڪئي، جنهن کانپوءِ تجويد قرآن، حديث، عربي ۽ فارسيءَ جي تعليم، جامعه عربيه غفاريه مان حاصل ڪري، اڳتي پڙهڻ لاءِ ’المرڪز قادريه ڪراچي‘ ۾ داخل ٿيو، جتان حديث جي سنَد حاصل ڪيائين ۽ 1979ع ۾ اُتان ئي درس نظاميءَ کانپوءِ فارغ التحصيل ٿيو. ان کانپوءِ سنڌ يونيورسٽيءَ مان اسلامڪ اسٽڊيز ۾ ڊگري ورتائين. هن نقشبندي، مجددي طريقي جي خلافت ٽي ڀيرا پنهنجي والد کان ورتي ۽ سندس وفات کانپوءِ ان جي تبليغ ۽ تدريس جو ڪم پاڻ تي کنيائين ۽ جماعت طرفان متقفه طور کيس پنهنجو رهبر مڃيو ويو.
خواجه محمد طاهر عرف ’سڄڻ سائين‘ صوفين وانگر الله پاڪ جي اطاعت، نبي سڳوري سان محبت ۽ سموري انسانيت سان ڀائپيءَ ۽ محبت جو درس ڏيندي، مختلف فرقن ۽ مسلڪن کي پاڻ ۾ رواداريءَ سان رهڻ جو سبق ڏنو آهي. سندس شيخ جو عرس، هر سال نومبر جي مهيني ۾ ٿيندو آهي، جنهن ۾ لکين عقيدتمند ۽ مريد اچي شريڪ ٿيندا آهن ۽ الاهي ذڪر ڪندا آهن.
خواجه محمد طاهر ڪيترائي ڪتاب لکيا آهن، جيڪي سڀئي اردوءَ ۾ آهن، جن مان مکيه هي آهن: ڪرامات طاهريه، خطابات طاهريه (ٻه جلد)، تحفة الطاهرين، ملفوظات طاهريه، مقالات طاهريه ۽ بوستان طاهريه. ان سان گڏوگڏ ’طاهريه جماعت‘ طرفان سنڌ جي مختلف شهرن ۾ ڪيترائي مدرسا قائم ڪيا ويا آهن، جن ۾ غريب شاگردن کي مفت اسلامي تعليم ڏني وڃي ٿي، جن جا نالا هن ريت آهن. ’مدرسه جامعه عربيه غفاريه، درگاهه الله آباد ڪنڊيارو‘، ’فقيرپور‘ (راڌڻ، ضلعو دادو)، ’جامعه بخشيه‘ (نئون ديرو)، ’روح قرآن، لوهار مسجد‘ (حيدرآباد)، ’مـدرسـه جــامـعـه عـربـيــه طـاهـريه درگاهــه طـاهـرآبـاد‘ (ٽـنـڊو الـهيــار)، ’دار الـفيـوض‘ (مهاجر ڪئمـپ ڪراچي)، ’مدرسه تعليم الاسلام، اُٿل‘ (بلوچستان)‘ ۽ ’مدرسه نور مصطفى‘، ڳوٺ سوڙهو (پنوعاقل، سکر).


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1962.03.21  عيسوي

خواجه محمد طاهر نقشبندي، عام معروف ’سڄڻ سائين‘ جو جنم، 21 مارچ 1962ع تي، درگاهه رحمت پور، ضلعي لاڙڪاڻي ۾ ٿيو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

طارق خشڪ
حاجي فقير محمد سومرو
انور ابڙو
طريل تاج محمد
اچل پرساد سوامي
بيربل
ڀانيرا بابا پيارا سنگهه
اڪبر حسين راشدي
ڌڱاڻو جتوئي
اثر سنڌي
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون